ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، ايڪسائيز ۽ ٽرانسپورٽ واري سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته نگران حڪومت دوران امن امان جي پيدا ٿيل صورتحال کي بھتر ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي ڪچي ۾ صورتحال اڳي کان بھتر آھي، گھرو وزير ۽ آءِ جي پوليس  ڪچي جي علائقي ۾ موجود آھن، پوليس ۽ رينجرز طرفان ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن جاري آھي، گذريل 15 ڏينھن  دوران  گھوٽڪي مان 2 ، ڪشمور مان 8 ۽ شڪارپور مان 3 جملي 13 يرغمالين کي بازياب ڪرايو ويو آھي، جڏهن ته 6 ماڻھن جي ھني ٽريپ (هرکجڻ) ذريعي اغوا جي ڪوشش پوليس بروقت ناڪام بڻائي ڇڏي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس  ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون جاري آھن، اپريل جي شروعاتي 15 ڏينھن ۾ ڪراچي پوليس ھٿان مقابلن ۾11 اسٽريٽ ڪرمنل ماريا ويا، جڏھن تھ 60 زخمي ٿيا، مجموعي طور تي 104 اسٽريٽ ڪرمنلز کي گرفتار ڪيو ويو، گاڏين جي چورين ۾ ملوث 85 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، مختلف جوابدارن وٽان 246 پسٽل، ھڪ رائيفل، 2 شارٽ گن، 2 دستي بم ھٿ آيا آھن، هن چيو ته سنڌ ۾ غير قانوني ترسيل ماڻھو (پرڏيهي) وڏو مسئلو ۽ چيلنج آھن، ڪيترين ئي وارداتن ۾ غير قانوني وطن تياڳيندڙ ( افغاني) ملوث مليا آھن، سنڌ سرڪار امن امان جي معاملي ۾ تمام گھڻي سنجيده رھي آھي، سنڌ جي وڏي وزير  پھريون اجلاس به امن امان جي حوالي سان ڪوٺايو ھو. ھن چيو تھ منشيات جو مسئلو پوري پاڪستان ۾ آھي، ٻي منشيات جيان ڪرسٽل ۽ آئيس به انتھائي خطرناڪ آھن، اھي سوچڻ جي صلاحيت کي ختم ڪري ڇڏينديون آھن، ڪرسٽل استعمال ڪرڻ واري جي ھٿ ۾ ھٿيار ھوندو تھ ھُو اھو ڪونه ڏسندو تھ سندس سامھون ڪير آھي، ڪرسٽل واپرائڻ وارا والدين کي بھ نشانو بڻائي چُڪا آھن، هن چيو ته سنڌ کي منشيات جي لعنت  کان پاڪ ڪيو ويندو،  اُن معاملي ۾ اسان جي پاليسي زيرو ٽالرنس واري آھي، آئون والدين کي به گذارش ڪندس ته اُھي پنھنجن ٻارن تي نظر رکن، ھن چيو ته ميڊيا منشيات فروشي ۽ اسٽريٽ ڪرائيمز خلاف حڪومت سان سھڪار ڪري، ڪرائيم رپورٽرز ڏوھارين جي نشاندھي ڪن ته ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم سڄي دنيا جو مسئلو آهي، انٽرنيشنل ڪرائيم انڊيڪس ۾ ڪراچي 78هين نمبر تي آهي. آمريڪي شهرن آڪلينڊ، نيو اورلينس، شڪاگو، فلاڊيلفيا، ائٽلانٽا، هوسٽن، سان فرانسسڪو، واشنگٽن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي صورتحال ڪراچي کان به بدتر آهي. فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ به اسٽريٽ ڪرائيم جي صورتحال ڪراچي کان به وڌيڪ خراب آهي، هن چيو ته فريال ٽالپر جي ھدايت تي پنڪ بسز جو تعداد وڌايو پيو وڃي، 19 اپريل کان وڌيڪ بسون پنڪ بس سروس ۾ شامل ڪري نوان روٽ شروع ڪيا ويندا، ميرپورخاص ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ وڃي رھيا آھيون، جڏھن ته اورنج لائين ۽ گرين لائين کي ڳنڍڻ لاءِ شٽل سروس مفت ۾ ھوندي.