پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان بائجي ٿاڻي جي حد بلوچ ڪانٽي وٽ آرا مشين جو چوڪيدار غلام حيدر دايو اغوا ٿي ويو آھي ، ڳوٺاڻي جي اغوا بعد پوليس ۽ ڳوٺاڻا پيرا کڻي ڌاڙيلن پويان ڪچي ويا جتي ڏوھارين جا پيرا درياھ جي ڪپ وٽ گم ٿي ويا آھن، جنھن بعد پوليس پاران پورھيت جي اغوا جي تصديق ڪئي وئي آھي،  واضح رھي ته 3 ڏينهن اڳ پنوعاقل ڀرسان ٿاڌل هلائيندڙ 2 پورهيتن ڪامران ئي پيارو رياستي کي به اغوا ڪيو ويو ھو پنوعاقل مان اڳ ئي ڪراچي واسي رمضان اغوا ٿيل آھي جڏھن ته ٻه ڏينهن سکر مان ٻن ڄڻن اقبال کوسو ۽ رضوان کوسو کي اغوا ڪيو ويو هو اھڙي ريت سڄي ضلعي مان ۾ مغوين جو انگ ست ٿي ويو آھي.