سکر: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته 400 ڏينھن ۾ 529 کان وڌيڪ ماڻهن کي پوليس اغوا ٿيڻ کان بچايو آھي، سلطو شر، جانو سميت وڏا وڏا گينگ پوليس ختم ڪيا آهن، ڏوهاري پيغام پهچائيندا آهن ڪشمور، پنجاب جا ماڻهو کڻون ٿا اوهان جو ڇا وڃي. انھن کي ٻڌايون ٿا ته اھي اسان جا پنھنجا آھن ڏوھي ڪاروايون برداشت نه ڪيون وينديون، پوليس 2000 کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن اوهان جي سپورٽ جي ضرورت آهي.