لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)قبوسعيد خان ٿاڻي جي ڳوٺ مير علي حسن بروهي ۾ جوابدار سعيد بروهي پسٽل جا فائر ڪري ڪارنهن الزام هيٺ قلندراڻي پاڙي واسي 26 ورهين جي نوجوان ثناءَ الله سنديلو ۽ 20 ورهين جي ناري هما بروهي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش رورل هيلٿ سينٽر قبوسعيد منتقل ڪيو، پوليس موجب شروعاتي جاچ موجب واقعو ڪارنهن معاملي تان پيش آيو آهي جنهن ۾ بروهي ذات سان واسطو رکندڙ جوابدار پسٽل جا فائر ڪري نوجوان ثناءَ الله سنديلو ۽ ناري هما بروهي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو. هوڏانهن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب اهڙي واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي کيس هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي. ڊي آءِ جي چيو ته علائقي جو ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او جوابدارن جي گرفتاريءَ تائين واقعي واري هنڌ موجود رهن. واقعي جو ڪيس 2 جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقتول نوجوان ثناءَ الله سنديلو جي والد امان الله سنديلو جي فرياد تي قبوسعيد خان ٿاڻي تي ٻن جوابدارن اورنگزيب بروهي ۽ حاجي مير گل بروهي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو