ملير (رپورٽر) ملير جي درگاهه ويجهو  نينگريءُ جو ڦاهو لڳل لاش هٿ، 3 شڪي گرفتار، ان ڏس ۾گڏاپ ٿاڻي جي حد ۾ عثمان شاهه درگاهه ويجهو 15 ورهين جي ڪرتيڪا ڌيءَ سنيل ڪمار جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو، پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او گڏاپ ماجد علوي ٻڌايو ته عثمان شاهه درگاهه ڀرسان نينگري ڪرتيڪا ڌيءَ سنيل جو لاش مليو آهي ٿي، وارثن جي نشاندهي تي  3 شڪي عزيزن کي گرفتار ڪري کانئن جاچ شروع ڪئي وئي آهي، نينگري سان زيادتي ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪجهه چئي سگهبو