ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ نئون سسٽم سرگرم، 14 ۽ 16 گريڊ جي جونيئر بلڊنگ انسپيڪٽرن کي 17هين گريڊ جون اضافي چارجون حوالي، 17هين گريڊ جو آفتاب سومرو وري ڏکڻ ضلعي جو ڊائريڪٽر مقرر، 515 خطرناڪ عمارتون به خالي نه ٿي سگهيون، ان ڏس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي نئين ڊي جي عبدالرشيد سولنگي اڳوڻي سسٽم جي آفيسرن کي نظرانداز ڪري من پسند جونيئر آفيسرن کي نوازڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي،ڪالهه ڪراچي جي مختلف علائقن ۾  41 جونئير آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، 16 هين گريڊ جي بلڊنگ انسپيڪٽر صبور سليم کي ضلعي سينٽرل مان بدلي ڪري ضلعي ڏکڻ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر واري اضافي چارج حوالي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽر منظور علي چانڊيو، اياز شهاب، جهانگي مگسي، مسرور احمد خان، غلام حسين، سميت 25 کان وڌيڪ هيٺين گريڊ جي ملازمن کي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي اضافي ذميواري سونپي وئي آهي، هوڏانهن ڏکڻ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر مرزا زرغام حيدر کي ملير ۽  ڪياماڙي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالڪريم کي ضلعي سينٽرل ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن 17 گريڊ جي آفتاب سومري  کي ڏکڻ ضلعي ۾ 18هين گريڊ جي ڊائريڪٽر واري اضافي چارج حوالي ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نديم ابراز کي ڏکڻ ضلعي مان بدلي ڪري ضلعي اوڀر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي اضافي چارج ۽ ماجد منگي کي ضلعي سينٽرل مان بدلي ڪري ضلعي ڏکڻ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب ڪراچي جي اوڀر ضلعي ۾ محمود آباد، ٽي پي ٽو، پي اي سي ايس ايڇ، گلستان جوهر، ضلعي سينٽرل ۾ لياقت آباد، عزيز آباد، لياري ۽ اورنگي ٽائون ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي منظوريءَ بنا وڏين عمارتن جي اڏاوت جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي.