مانجهند ويجهو حادثي ۾ 6 مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق، 47 زخمي

0
52

مانجھند ويجهو روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل 6 مسافرن مان 4 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي، عورتن ۽ ٻارن سميت 47 زخمي مسافر حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيا ويا

انڊس ھاءِ وي تي ويهه دري وٽ مسافر ڪوچ، آئل ٽئنڪر ۽ شهزور گاڏي وچ ۾ ٽڪر سبب ڇهن مسافرن ٿڏي تي دم ڏنو هو

فوتين ۾ باڊھ واسي حاجن ڦلپوٽو، ٽلٽي واسي 29 ورھين جو منظور گاڏھي، ڪوچ ڊرائيور لاڙڪاڻو واسي جواد حسين، آئل ٽينڪر ڊرائيور شيخوپورا واسي سليم کوکر شامل، ٻن فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي