سکر(بيورو رپورٽ) صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آھي ته ڪشمور، شڪارپور ۾ اڳ روزانو واقعا ٿيندا هئا پر هاڻي اهڙي ڳالهه ناهي هاڻي اغوا ٿيل ماڻھن جي واپسي ٿي رهي آهي، ڪشمور روڊ تي شھرين جي حفاظت لاءِ هڪ هزار نفري مقرر ڪئي آهي. ڪشمور ۾ ٿيل اجلاس ۾ واپارين ٻڌايو ته 50 سيڪڙو صورتحال بھتر آھي پر گھٽ به چئجي ته 25 سيڪڙو بهتري آئي آهي، ايس ايس پي ڪشمور کي سبزوئي گينگ خلاف ڪاروائي تي انعام ڏنو آهي، پوليس کي چئلينجز آهن. اڳ توجهه نه هجڻ سبب معاملا ٿيا آهن. سکر ڊويزن ۾ 31 مان 12 مغوي اغوا ٿيا ۽ باقي عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيا جيڪي سڀ واپس اچي ويا آھن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين آفيسرن جي موجودگيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته امن امان ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، سکر مان اغوا ٿي ويل اقبال ۽ رضوان کوسو وارن جي ڌر جو جتوئي سان تڪرار ھلي رھيو آھي جنھن متعلق جاچ ڪري رھيا آھيون. 15 سالن کان پ پ حڪومت آھي، ورھين کان بدامني آھي، اڃا امن امان جي صورتحال بھتر ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڪيترو ٽائيم گھرجي واري سوال جي جواب ۾ صوبائي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته سال 2008 واري حڪومت ۾ نيشنل هاءِ تي ڪانوائي ۾ لڳندي ھئي، ماضي ۾ ايترا معاملا خراب نه هئا جيترا هاڻي ٿيا آهن، ڪچي ۾ وڃڻ ڪيترو ڏکيو آهي. ناڪافي حالتن ۾ پوليس سٺو ڪم ڪري رهي آهي.