ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه موسمياتي تبديلي جي اثرن سبب پاڻي کوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته انهي مسئلي کي فصلن جو نئون طريقيڪار (نيو ڪراپ پيٽرين) متعارف ڪرائڻ سان حل ڪري سگهجي ٿو، جن ۾ گهٽ ڊيلٽا (گهٽ پاڻي کڻندڙ) وارا فصل شامل آهن، ڪالھه وزيراعليٰ هائوس ۾ آبپاشي ۽ زراعت کاتن جي گڏيل اجلاس ۾ هن چيو ته هلندڙ خريف دوران پاڻي کوٽ 30 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي پر اها وڌيڪ شدت به اختيار ڪري سگهي ٿي، جنهن سان زرعي شعبي کي نقصان پهچندو. آئون چاهيان ٿو ته آبپاشي ۽ زراعت کاتا گڏجي فصلن بابت پلان تيار ڪن.  تجويز /سفارش ڪيل فصلن جي فهرست کيس وڌيڪ غور ۽ منظوري لاءِ پيش ڪئي وڃي. مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو آبپاشي ۽ زراعت کاتن سان  گڏيل اجلاس ڪري گهٽ پاڻي کڻندڙ ۽ وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ فصلن کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پلان تيار ڪرائي، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو ته هو زراعت کاتي جي ريسرچ ونگ کي ضروري تحقيق لاءِ فعال بڻائيندو، اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته زرعي پاڻي کي ڊرپ اريگيشن، اسپرنڪل سسٽم، خشڪ فارمنگ، ڪنزرويشن  ذريعي محفوظ ڪري سگهجي ٿو،اسان کي اهو پڻ معلوم ڪرڻو پوندو ته موسم جي لحاظ کان ڪهڙو طريقو اثرائتو آهي؟ ڪهڙي علائقي ۾ ڪهڙو طريقو ڪامياب ٿيندو؟ انهن مامرن تي تحقيق جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ آبپاشي واري وزير تازين ٻوڏن سبب تباهه ٿيل آبپاشي جي بحالي بابت بريفنگ ڏني.  هوڏانهن ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ واري 72 ارب جي ڪي 4 رٿا بابت الڳ اجلاس ۾ صوبائي حڪومت جي 20 سيڪڙو يعني 14.7 ارب رپين جي ادائيگي جي منظوري ڏني وئي.  مراد علي شاهه  رٿابندي واري وزير ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو ورلڊ بينڪ/اي آءِ آءِ بي جي لاڳاپيل ٽيمن کان التوا هيٺ ڪمن جي منظوري وٺي. وڏي وزير چيو ته ڪي 4 کي تيز ڪرڻ بابت هو وفاقي وزير احسن اقبال سان ڳالهائيندو. وڏي وزير رٿابندي کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪي 4آگمينٽيشن لاءِ صلاحڪار مقرر ڪيا وڃن.