ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) تحريڪ انصاف پاران اپوزيشن جي گرانڊ الائنس ۾ واڌ جو فيصلو، ان ڏس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر  جي ڊي اي قيادت سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري  جلد مرڪزي قيادت جي ڪراچي پهچي گڏيل سياسي جدوجھد تي ڳالهه  ٻولهه ڪرڻ جي خواهش جو اظھار ڪيو، ٻئي طرف ڪالهه تحريڪ انصاف جي صوبائي صدر حليم عادل شيخ جي سربراهي ۾ وفد ڪالهه فنڪشنل ليگ ھائوس پهچي جي جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي ، اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم ،سنڌ اسيمبلي م اڳوڻي پارلياماني ليڊر حسنين مرزا عبدالڪريم شيخ سان ملاقات ڪئي، پي ٽي آءِ وفد جي ڊي اي کي ڪراچي ۾ 28 اپريل تي اعلانيل جلسي م شرڪت جي دعوت ڏني، جي ڊي اي اڳواڻن پي ٽي آءِ جو دعوٽ ڏيڻ تي ٿورو مڃيندي کين يقين ڏياريو ته جلسي م شرڪت جي حوالي سان جي ڊي اي پنھنجي قيادت سان مشورو ڪري کين جواب ڏيندي، ملاقات ۾اڳواڻن مھانگائي، لاقانونيت ،ڀنگ لاءِ اغوا وارداتن، گيس ۽ پيٽرول جي اگھن ۾ اضافي، سنڌ جي ھارين ۽ آبادگارن کي بارداڻو نه ملڻ، ڪڻڪ جا خريداري مرڪز نه کلڻ ۽ ڪڻڪ جو مناسب اگھ نه ملڻ تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو.