اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر کي چيو ته سڀاڻي اوهان دليل شروع ڪريو، جيڪڏهن اوهان کي گهڻو وقت گهرجي ته سزا معطل ڪريون ٿا، هاءِ ڪورٽ ۾ سائفر ڪيس ۾ عمران ۽ شاهه محمود کي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته فائيو ون سي ۽ ون ڊي ۾ هڪ چارج لڳندو آهي، وڪيل سلمان صفدر چيو ته سائفر اعظم خان وٽ هو، هن ئي وصول ڪيو، وزيراعظم کي سائفر ڏنو يا نه، وزيراعظم سائفر ورتو يا نه اهو پراسيڪيوشن جي ثبوت ۾ ناهي، سائفر جي ڪاپي وزيراعظم آفيس مان گم ٿي اها ئي ڳالهه اعظم خان به ڪئي، جسٽس مان گل حسن پڇا ڪئي ته لاپرواهي يا ڄاڻ واڻي اها چارج اعظم خان تي ڇو نه لڳي، سلمان صفدر چيو ته چارج جوابدار تي لڳندي آهي، جوابدار کي ئي شاهد بڻايو ويو ته هنن پنهنجو ڪيس پاڻ خراب ڪيو. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر دليلن لاءِ ٽئي چار ڏينهن جو وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي، عدالت استدعا رد ڪندي چيو ته دليل ڏيو. عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.