لاڙڪاڻو: يوسي چيئرمين ابراهيم کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجو ڀاڻيجو دلشاد کوسو ڳوٺ ڀرسان پنهنجي زرعي زمين تي ويو جتي هٿياربند گوليون هڻي قتل ڪري کانئس موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا. هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، بيگناهه منهنجي ڀاڻيجي کي قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي ته ڀاڻيجي جي قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.