ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۽ ڀرپاسي 24 ڪلاڪن دوران مختلف ھنڌن تان 5 کان وڌيڪ چوري جون وارداتون ٿيون آهن، اڻ سڃاتل چور ڪرشنا ڪالوني ۾ ھڪ ئي رات ۾ چار چوريون ڪري ويا، چورن دڪاندار ليمون ڪولھي جي ڪريانا جي دڪان جا تالا ٽوڙي روڪ رقم، ڪمپيوٽر ۽ ٻيو سامان کنيو، راما پير مندر جا تالا ٽوڙي اندر پيل چندي جي پيتي مان هزارين روپيا رقم چورائي وئي، پي ٽي آءِ ڪائونسلر لوجي ڪولھي جي گھر مھمان ٿي آيل سندس سالي ڪشور ڪولھي جو موبائل فون ۽ ٻيو سامان چور کڻي ويا، اسپتال مان پ پ جي انفارميشن سيڪريٽري غلام مرتضيٰ رند جي موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي.