وڳڻ (ن پ ا ) وڳڻ ۾ آل پارٽيز ايڪشن ڪاميٽي پاران سرڪاري اسپتال ۾ عملي جي کوٽ، ايمبولنس نه ھئڻ ۽ سهولتن جي اڻاٺ خلاف ممتاز وڳڻ، لالا حفيظ پٺاڻ، گلاب وڳڻ، ڪامران پنھور، سرفراز گوپانگ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته وڳڻ جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪي به سھولتون ناهن. عملي جي پڻ وڏي کوٽ آھي، مريضن کي ھڪ ٽڪي ڏئي روانو ڪيو وڃي ٿو، جڏھن ته دوائون اسٽورن تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، انڊس ھاءِ وي تي ٿيندڙ حادثن دوران زخمي ٿيلن کي علاج نه ٿو ملي، ايمبولنس پڻ ناڪارا بڻجي وئي آھي. مظاھرين مطالبو ڪيو ته اسپتال جي ايم ايس کي ھٽائي دوائن ۽ عملي جي کوٽ پوري ڪئي وڃي. ۽ نئين ايمبولنس پڻ ڏني وڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.