ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور جي ڳوٺ ڪامل چاچڙ وٽ انڊس هاءِ وي تي هٿياربند 2 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ بعد ڏيڍ لک روڪ رقم ۽ سي ڊي موٽرسائيڪل ڦري ويا. ڳوٺ گجڻ دستي واسي بقا محمد دستي، ميوا دستي پريس ڪلب پھچي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته چار جوابدارن زخمي ڪري ڏيڍ لک روڪ ڦري 2020 ماڊل سي ڊي موٽر سائيڪل ڪاھي ويا. اين سي داخل ڪرائي آهي، ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ ڪرڻ باوجود جوابدارن کي پوليس گرفتار نٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي.