ڄامشورو (رپورٽر)  ڄامشورو شهر جي سيد نور شاھ ڪالوني ۾ پورهيت 30 ورهين جو آصف علي پٽ غلام شبير چنڙ گهر جي بجلي ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب هيٺ ڪري زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لمس اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، نوجوان جو لاش پهچڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو.