ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور پوليس پاران رحيم يار خان واسي 5 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ، پوليس موجب ته   شھزاد، سيد احمد، سيد محمد اجمل، سيد عامر ۽ سيد علمدار  کي گيھلپور ڪچي جي ڏوهارين پاران سستي اگهه تي گاڏيون ٽريڪٽر ڏيڻ بھاني ڪچي گھرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو  هو،  ٽيڪنيڪل پوليس ٽيم آرڊي 45 پل پوليس چيڪ پوسٽ تي پنجاب جي رحيم يار خان ضلعي واسين سيد خاندان جي 5 ڄڻن کي روڪي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.