سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو  مان 4 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿي سگهيو، ان ڏس ۾  عرضي ڀٽو بخشو ساريو روڊ تان 4 ڏينهن اڳ  ھٿياربندن هٿان اغوا ٿيل 25 ورهين جي لياقت ساريو بازياب نه ٿي سگهيو آهي، نوجوان جي وارثن موجب ته سخت پريشان آهيون، نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي طرف  ڊي ايس پي ميروخان موجب ته ايس پي قمبر ر ڪيپٽن صدام حسين خاصخيلي سخت ھدايتن تي نوجوان جي بازيابي جي ڪوشش جاري آهي، موبائيل جي جيو فينسي رپورٽ جي انتظار ۾ آهيون، جئين رپورٽ ملندي نوجوان جو پتو پئجي ويندو.