ڪريم بخش کوسو (ن پ ا) ڪريم بخش کوسو ۾ پنجين مرحوم بابا محمد يعقوب خان کوسو نائيٽ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ خان اليون مقرر 8 اوورن ۾ مخالف ٽيم کي 85 رنسن جو هدف ڏنو. ابڙا اليون 70 رنز تي ڍير ٿي وئي. اھڙي ريت خان اليون 15 رنسن تان ميچ کٽيي ٽرافي پنهنجي نانءِ ڪري ورتي. خان اليون جي رانديگر نزاڪت علي سٺي بالنگ ڪندي 3 وڪيٽون ورتيون، جنهن کي ميچ جو هيرو قرار ڏئي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو. انهيءَ موقعي تي مهمان خاص سخي عبدالرزاق خان کوسو ونر ۽ رنر ٽيمن ۾ ٽرافي ۽ ڪيش انعام پڻ ورهايا. واضح رهي ته ٽورنامينٽ ۾ 24 ٽيمن حصو ورتو هو.