لاهور(اسپورٽس نيوز) ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته موقعي هئڻ باوجود پشاور زلمي گهٽ اسڪور ڪيو. پي ايس ايل سيزسن 8 جي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ٻي اليمينيٽر ميچ ۾ شڪست کانپوءِ ڪپتان بابراعظم چيو ته شروع وارن 11 اوورن ۾ رن ريٽ سٺو رهيو پر 11 کان 15 اوورن ۾ اسان وڌيڪ رنز نه ٺاهي سگهياسين. هن چيو ته پچ ڊبل پيس هئي، بال ريورس سوئنگ به ٿيو پر اسان کي 185 رنز ٺاهڻ گهرجن ها. آخر ۾ اسان جي بولنگ به قلندرز جي بيٽنگ تي قابو نه ڪري سگهي، 8 اوورن ۾ سٺي فيلڊنگ جو معيار آخر تائين برقرار نه رکي سگهياسين.