ڪراچي: 104 ملڪن جو سفر ڪرڻ بعد ڪراچي پهتل جاپاني شهري رستو ڀُلجي ويو

0
402
ڪراچي: 104 ملڪن جو

ڪراچي (م ڊ) 104 ملڪن جو سفر ڪرڻ بعد ڪراچي پهتل جاپاني شهري رستو ڀُلجي وڃڻ تي اورنگي ٽائون پهچي ويو، پوليس کيس حراست ۾ وٺي فارنرز سيڪيورٽي سيل جي حوالي ڪري ڇڏيو

سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) ​​ويسٽ سهائي عزيز ميڊيا کي ٻڌايو ته اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ تمازاڪي تاڪيويا نالي جاپاني شهري کي گهمندي ڦرندي ڏٺو ويو، گشت ڪندڙ پوليس غير ملڪي هجڻ سبب کيس روڪي پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ پنهنجي اعليٰ آفيسرن کي اطلاع ڏڪري اورنگي ٽائون ۾ ايس ايس پي ويسٽ آفيس پهچايو

ايس ايس پي سهائي عزيز جو چوڻ آهي ته جاپاني شهري ڪراچي جي علائقي مان اڻڄاتل هو ۽ گھمندي ڦرندي اورنگي ٽائون  پهتو، پوليس کيس ايس ايس پي ويسٽ آفيس پهچايو ۽ مهمان نوازي کانپوءِ پرڏيهين جي سڪيورٽي لاءِ قائم پوليس سيل ڏانهن روانو ڪيو ويو

جاپاني شهري جي مدد ڪرڻ تي جاپاني قونصليٽ پاران ڪراچي پوليس کي ساراهيو ويو،

جاپاني قونصليٽ جي ذريعن موجب تمازاڪي تاڪيويا دنيا جو دورو ڪري چڪو آهي، هن وقت تائين 104 ملڪن جو دورو ڪري چڪو آهي، هن ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ هاڻي پاڪستان جي ٻين علائقن جو به دورو ڪندو