ساهيوال ۾ اڻڄاتل ماڻهن اسڪول کي باهه ڏئي ڇڏي، لکين روپين جو سامان سڙي رک

0
413
بڇيري ۾ وحشي پٽن پيرسن

ڪراچي (م ڊ) پنجاب جي شهر ساهيوال ۾ اڻڄاتل ماڻهن بوائز هاءِ اسڪول کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ ليبارٽري ۽ پرنسپال جو ڪمرو سڙي رک ٿي ويو

پوليس موجب گذريل رات اڻڄاتل ماڻهن 97 سکس آر ڪي بوائز اسڪول جا تالا ٽوڙي ليبارٽري ۾ رکيل 16 ڪمپيوٽرن، فرنيچر ۽ ٻئي سامان کي باهه ڏني، جنهن ۾ لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو

اطلاع ملڻ تي ڊپٽي ڪمشنر اويس ملڪ، پوليس اهلڪار ۽ فرانزڪ ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون، پوليس موجب واقعي جي جاچ کانپوءِ باهه لڳڻ بابت حقيقتون سامهون آنديون وينديون