لاڙڪاڻو: نئين ايس ايس پي به ٻوٽو نه ٻاريو، ڪلاڪ ۾ ڦر جون 6 وارداتون

0
193

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ نئين ايس ايس پي بي ڪو ٻوٽو نه ٻاري  سگهيو آهي، شهر ۾ هڪ ڪلاڪ جي اندر  ڦر جون 6 وارداتون پيش آيون آهن، ماڻهو قيمتي شين کان محروم ٿي ويا

سچل ٿاڻي جي حد سچل ڪالوني روڊ تي هوٽل جي مزدورن اياز شاهه ۽ اختيار کوسو کان ڦرلٽ ڪئي وئي، هٿياربند ڦورو ٻنهي ڄڻن کان موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا

ٻئي پاسي ڌامراه ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ وڪيا سانگي جي ٻن ڳوٺاڻن کان ڦرڪئي وئي، هٿياربندن صداقت سانگي کان موٽرسائيڪل ،47 هزار روڪ ۽ موبائل فون ڦر ڪئيلاڙڪاڻي ۾ ڪارو ڪاري

رفيق سانگي کان به موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري هٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا، مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ سليم چنو کان موبائيل فون ڦر ٿي وئي

هوڏانهن الهه آباد ٿاڻي جي حد مان هٿياربند ڦورو ارشد ٻگهيو کان موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته گذريل رات اسٽيشن روڊ تان هندو ناري کان ٿيل ڦر واقعي ۾ ملوث ڏوهارين جو به پوليس پتو لڳائي نه سگهي، وڌندڙ بدامني سبب شهرين ۾ خوف حراس ڦهليل آهي