ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اٽو 4 رپيا في ڪلو سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ 80 رپيا في ڪلو تي پهتل چڪي جو اٽو گهٽجي 76 رپين تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ دڪاندارن جو چوڻ هو ته خوراڪ کاتي جي سختين سبب ڪراچي ۾ ڪڻڪ جي آمد گهٽجڻ ڪري اٽي جي اگهه ۾ عارضي طور اضافو ٿيو هو، هاڻ ڪڻڪ جي آمد وڌڻ ڪري اگهن تي ضابطو آيو آهي.