جھول (ن پ ا) ضلعي سانگهڙ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سنڌ حڪومت پاران سارين جي پوکائي تي پابندي باوجود بااثر سياستدان هزارين ايڪڙن تي سارين جو فصل بيٺل، ضلع انتظاميا صرف اعلانن تائين محدود. جڏهن ته ضلعي سانگهڙ جي پڇڙي جي آبادگارن پاران وونئڻن جو فصل تباهه ٿي رهيو آهي جڏهن ته پاڻي جي کوٽ وڌڻ سبب چوپايو مال اڄ وگهي مري رهيو آهي. پڇڙي جي آبادگارن زاهد جلالاڻي، رياض جلالاڻي، فاضل خاصخيلي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي سانگهڙ ۾ پابندي باوجود سارين جو فصل هجڻ ضلعي سانگهڙ جي انتظاميا جي لاپرواهي ۽ نااهلي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سارين جي فصل کي فوري طور ختم ڪري بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن ته جيئن پڇڙي ۾ پاڻي پهچي سگهي.