ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم ڪارڪن، گم ٿيل عورت سعديه سميت 6 شهرين  جي گمشدگي واري ڪيس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڪالهه  ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ٻڌايو ته نورجهان ٿاڻي جي حد مان گم ٿيل شهري صادق حسين شاهه  گهر پهچي ويو آهي،  عدالت گم ٿيل جنيد احمد، زين العابدين ۽ نسيم احمد کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته هن وقت تائين ڪيتريون جي آءِ ٽيز ٺهي چڪيون آهن؟ جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته هن وقت تائين 15 جي آءِ ٽيز جوڙيون ويون آھن، عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.