ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ کنڀيلن بابت پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ايس ايس پي سينٽرل کي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته  چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ کي نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا، ڪالهه ٻڌڻي دوران کنڀيل شھري عباد الحسن جي وارثن عدالت اڳيان دانهون ڪندي  چيو تھ پوليس تعاون نه پئي ڪري،  هر پيشيءَ تي رڳو آسرا ڏنا پيا وڃن، عدالت عبدالرحمان، نويد اقبال جي بازيابي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.