ڪراچي: ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي يوسي چيئرمين ۽ سندس گھرڀاتين جي ميڊيڪل اسٽور، مارٽ ۽ اسڪول سيل ان ڏس ۾ اورنگي ٽائون جي يوسي نمبر هڪ جي چيئرمين شڪيل احمد پ پ تي انتقامي ڪاررواين جو الزام مڙهيندي چيو آهي ته منهنجي ۽  منهنجن ڀائرن جي ميڊيڪل اسٽور، مارٽ ۽ اسڪول کي سيل ڪيو ويو، پ پ ننڍي چونڊ ۾ چوٿين نمبر تي هئي پر سندس اميدوار کي کٽرايو ويو، اسان پاران اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪرڻ بعد سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين ادارن کان نوٽيس ملڻ شروع ٿي ويا، سمورا دستاويز ۽ ليز هجڻ باوجود ڪارروائي ڪئي وئي