ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ  ڪراچي جي ميئر جي چونڊ روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيل کان سوال ڪيو ته هڪ يو سي چيئرمين سڄي پارٽي جي نمائندگي ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ سندس درخواست سان پارٽي جو اٿارٽي ليٽر به شامل ناھي ڪيو ويو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي  وڪيل ٻڌايو ته عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ کانپوءِ پٽيشنر يوسي چيئرمين کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، 9 مئي کانپوءِ ڪريڪ ڊائون جاري آهي، موجوده حالتن ۾ پي ٽي آءِ جا 40 کان وڌيڪ يوسي چيئرمين ميئر جي اليڪشن ۾ حصو وٺي نه سگهندا،