ڪراچي: سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاھ چيو آهي ته وزيراعليٰ هائوس ٻاهران متحده جي احتجاج  تي پوليس تشدد جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف قدم کڻبو، هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان مڪاني قانون ۾ ترميم لاءِ تيار آهيون، ٻئي طرف هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان ڪنهن به احتجاج جي خلاف ناهيون، متحده سميت هر ڌر سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، اسان جماعت اسلامي سان ڳالهيون ڪيون آهن، هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي پريس ڪلب تائين مارچ ڪرڻو هو پر سندن ڪارڪن اوچتو وزيراعليٰ هائوس آڏو پهچي ويا، وزيراعليٰ هائوس ڀرسان هوٽلن ۾ پي ايس ايل جي حوالي سان پرڏيهي رانديگر ترسيل هئا، پوليس مظاهرين کي گھڻو ئي سمجھايو پر سندن نه مڙڻ تي ڪاروائي ڪرڻي پئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازو دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن، ريڊ زون وارو علائقو سيڪيورٽي جي حوالي سان حساس آهي هتي ڪو واقعو ٿئي ها ته سڄي ملڪ بدنامي ٿئي ها، هن چيو ته متحده جي ايم پي اي صداقت حسين جي هٿ ۾ ڏنڊو هو جڏهن هُو پوليس وارن کي ڏنڊو ڏيکاريندو ته موٽ ۾ پوليس وارا پڻ کيس ڏنڊو هڻي سگھن ٿا، هن چيو ته ڪنهن به عورت سميت ڪنهن به بيگناهه کي گرفتار ناهي ڪيو. هن چيو ته  وسيم اختر، آفاق احمد ۽ خالد مقبول صديقي جا بيان سوچيل سمجھيل سازش آهن، اهو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ لساني ۽ نفرت جي سياست کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.