ڪراچي: زال جي قاتل مڙس کي موت جي سزا

0
316

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت پنهنجي گهرواري کي قتل ڪندڙ مڙس کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، پوليس موجب جوابدار عبدالجبار 2019 ۾ پنهنجي 55 ورهين جي گهرواري سڪينه کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو ۽ واقعي جو ڪيس مقتولڻ جي ڀاءُ جي فرياد تي بلوچ ڪالوني ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو، ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج جوابدار کي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائيندي هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ وڌيڪ 10 سال قيد جي به سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو، عدالت جوابدار تي 5 لک رپيا ڏنڊ به وڌو، جيڪو ديت جي صورت ۾ مقتولڻ جي وارثن کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو.