ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جا چار ڊپٽي ڪمشنر تبديل، 18 ۽ 19هين گريڊ جي ڊپٽي ڪمشنرن جي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري، ان حوالي سان ڪالهه چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد ملير، ڪورنگي ۽ اوڀر ضلعي جا ڊي سيز تبديل ڪيا ويا آهن، ملير جي ڊپٽي ڪمشنر سعيد لغاري کي بدلي ڪري ڪوآرڊينيشن کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪورنگي جي ڊپٽي ڪمشنر جواد مظفر کي بدلي ڪري کيس ناڻي کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فنانس کاتي مان ڊپٽي سيڪريٽري عامر حسين کي بدلي ڪري ڪورنگي جو ڊي سي مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل عرفان سلام ميرواڻي کي ڊي سي ملير مقرر ڪيو ويو آهي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل شهزاد فضل عباسي کي ڊي سي اوڀر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته الطاف شيخ تعليمي سند حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهه روانو ٿي ويو آهي.