ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ مخصوص سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي نه ملڻ وارو معاملو، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪو ٿيڻو هو ٿي ويو، جواب اچڻ ڏيو پوءِ فيصلو ڪنداسين. ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ اسيمبلي مان پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي خاص ۽ اقليتي ڪوٽا جون سيٽون ڏيڻ خلاف سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، ان موقعي تي چيف جسٽس عقيل عباسي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ۾ مخصوص سيٽون ورهايون ويون؟ ان موقعي تي وڪيل ٻڌايو ته قانون موجب سني اتحاد ڪائونسل کي 2 عورتن ۽ هڪ اقليتي سيٽ ڏيڻ گهرجي ها، اليڪشن ڪميشن اهي سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي ڏيڻ بدران ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ۾ ورهائي ڇڏيون آهن، چيف جسٽس چيو ته هاڻي جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو، جواب اچڻ ڏيو، جائزو وٺي فيصلو ڪنداسين، عدالت وڌيڪ ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.