ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) اوقاف کاتي جي ملازمن خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي انڪوائري وارو معاملو، اسسٽنٽ انجنيئر ۽ چيف ميڊيڪل آفيسر پاران آمدني ۽ اثاثن جا تفصيل نيب وٽ جمع نه ڪرايا ويا، نيب اختيارين پاران چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف کي ٻيهر خط لکي جاچ هيٺ آيل ملازمن جي ملڪيتن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، نيب اختيارين پاران جاچ کي وسيع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته اوقاف کاتي ۾ ڪيئي سالن کان اهم عهدن تي ويٺل اسسٽنٽ انجنيئر محمد علي پانڌياڻي ۽ اڳوڻي ڊي ڊي او ۽ هاڻوڪي چيف ميڊيڪل آفيسر اويس ڀٽي خلاف نيب پاران آمدني کان وڌيڪ اثاثا هئڻ جي شروع ڪيل انڪوائري ۾ اوقاف کاتي پاران نيب جي انڪوائري ٽيم سان سهڪار نه ڪرڻ تي نيب جي اختيارين هڪ ڀيرو ٻيهر اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر کي خط لکي کيس پابند بڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل عملدارن جي ملڪيتن جا تفصيل جلد فراهم ڪيا وڃن جيئن انڪوائري کي اڳتي وڌائي سگھجي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته نيب پاران ڪجهه هفتا اڳ شروع ڪيل انڪوائري بعد اوقاف کاتي کي خط لکي جاچ هيٺ آيل عملدارن جا تفصل گھرايا ويا هئا پر هن وقت تائين تفصيل نيب حوالي نه ٿي سگھيا آهن. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي اختيارين اوقاف کاتي ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري جاچ کي وسيع ڪرڻ جو فيصلو ڪندي کاتي ۾ ڪيترن ئي سالن کان اهم عهدن تي ويٺل آفيسرن کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.