ڪرمپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي ) ڪرمپور مگسي روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربند مسافر بس کي يرغمال بڻائي ڊرائيور سردار ڪنڊراڻي ۽ ڪلينر الطاف پنهور کي اغوا ڪري ويا.  هٿياربندن ڳوٺ مهراڻ خان بجاراڻي وٽ ڪرمپور کان ٺل ويندڙ بس کي يرغمال بڻائي مسافرن کان ڦرلٽ ڪرڻ بعد ڊرائيور ۽ ڪلينر کي اغوا ڪري ويا. مسافرن ۽ ڳوٺاڻن واقعي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار 7 هٿياربندن بس روڪي مسافرن کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ بعد ڊرائيور ۽ ڪلينر کي اغوا ڪري پوليس پهچڻ کان اڳ نعرا هڻندا فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن چيو ته گاڏين ۾ سفر ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي،  ڏوهاري سرعام ڏوھ ڪري رهيا آهن، پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، هوڏانهن واقعي بعد ڪرمپور، شبيرآباد، جمال ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ بنگلاڻي برادري جي گهرن تي چڙھائي ڪئي پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيا پوليس ڪجهه عورتون گرفتار ڪري کڻي وئي. ڪرمپور ٿاڻي جي حد مان ٻه ڏينهن اڳ پنجاب واسي مزدا ڊرائيور کي اغوا ڪيو ويو هو ٻن ڄڻن جي اغوا بعد مغوين جو انگ 3 ٿي ويو آهي پوليس آپريشن باوجود ڏوهارين پاران اغوا جون وارداتون پڻ جاري آهن.