سکر (بيورو رپورٽ) سکر مان ٻن ڄڻن جي اغوا جي ايف آءِ آر دھشتگردي ايڪٽ تحت 12 سڃاتل ۽ ٽن اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف داخل، تفصيل موجب سائيٽ ايريا ٿاڻي تي فريادي ڳوٺ نھال خان کوسو واسي نازڪ ولد محمد اقبال کوسو جي فرياد تي ٻن ڄڻن جي اغوا جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته جوابدار قلندر بخش، موجود، واجد، حسين بخش مصراڻي جتوئي ۽ ٽي نامعلوم جوابدارن رنگ روڊ تان ھٿيارن جي زور تي والد محمد اقبال ۽ سئوٽ رضوان کي اغوا ڪيو ۽ اسان کي چيو ته 30 لک ڀنگ ڏئي ماڻھو ڇڏائجو، ٻئي صورت ۾ ٻنھي کي قتل ڪيو ويندو، واضع رھي ته 14 اپريل تي ھٿياربند اقبال کوسو ۽ رضوان کوسو کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا ھئا، جنھن بعد کوسا برادري جا ماڻھو ھٿيار کڻي پوليس سان گڏ پيرين جي مدد سان شاھ ٻيلي ۾ پيرا وڃائي واپس پھتا، چار ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس ھن وقت تائين مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آھي.