حيدرآباد/مانجھند (رپورٽ: امتياز کوسو+يعقوب ڪوريجو) مانجهند انڊس ھاءِ وي ڀرسان ٽن گاڏين جو خوفناڪ ٽڪر ٿيو، مسافر ڪوچ، آئل ٽينڪر ۽ شهزور مزدا ۾ ٿيل ٽڪر جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا اجل جو شڪار، عورتن ۽ ٻارن سميت 50 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. اطلاع تي ريسڪيو عملي پهچي فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم ۽ زخمين کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال مانجهند ۽ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته چانڊيا ڪوچ مسافرن کي لاڙڪاڻي مان کڻي ڪراچي پئي وئي ته انڊس هاءِ وي تي 20 دري وٽ اڳيان ويندڙ بصرن سان ڀريل شهزور مزدا کي اورٽيڪ ڪندي سامهون ايندڙ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي. ٻنهي گاڏين ۾ ٽڪر کانپوءِ شهزور مزدا گاڏي جو به مسافر ڪوچ سان ٽڪر ٿيو. حادثي ۾ مسافر ڪوچ جو ڊرائيور لاڙڪاڻي واسي جواد حسين پٽ نصرت حسين، شهزور مزدا گاڏي جو ڊرائيور پنجاب جي علائقي شيخوپورا جو رهواسي محمد سليم پٽ رحمت کوکر، باڊھ واسي حاجن پٽ نظير ڦلپوٽو، سيوھڻ واسي منظور پٽ شير محمد گاڏھي موقعي تي فوت ٿي ويا.ڪوچ جو ڪلينر گلشير کوکر فوت ٿي ويو.  جڏهن ته واجد پٽ خير محمد انڙ، ذوالقرنين پٽ ممتاز بروھي، طيبا زال فيصل راجپوت، ياسين پٽ شمس راجپوت، مسمات جنت زال شمس چانڊيو، فرحان پٽ عنايت الله ٻگھيو، امتياز پٽ شير انڙ، فيصل پٽ ميرالدين راجپوت، ظھير پٽ نصرالله ابڙو، سيد محمد شاھ پٽ ايوب شاھ، شبانا زال شاھد ٻگھيو، عظما ڌيءُ شمس ڪلھوڙو، غلام صغريٰ زال اسماعيل ملاڻو، مھتاب پٽ عباس ڪلھوڙو، علي گوھر چانڊيو، منظور پٽ يار محمد چانڊيو، صاحب خان پٽ غلام سرور چانڊيو، غلام الله پٽ قربان گاڏھي، راجا پٽ جمن مڪول، احسن پٽ ماھي گاڏھي، ساجد پٽ عبدالفتاح جوڻيجو، زاھد پٽ خير محمد انڙ، سمينا ڌيءُ نصر الله گاڏھي، انمول ڌي نصرالله ابڙو، نصير پٽ طفيل جتوئي، سيد مھوش ڌيءُ ايوب، مسمات انوار زال نصرالله انڙ، شھربانو زال رمضان راجپوت، محمد پيرل پٽ يعقوب ماڇي، مختيار پٽ واحد بخش کوکر، آصف پٽ محمد ڪسيم سميت 50 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿيا. زخمين ۾ اڪثريت لاڙڪاڻي واسين جي هئي جن ۾ عورتون، معصوم ٻار ۽ نوجوان شامل آهن. شروعاتي طور زخمين کي علاج لاءِ مانجهند اسپتال منتقل ڪيو ويو پر سهولتن جي اڻاٺ سبب انتظاميا بعد ۾ کين سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو. سول اسپتال ۾ ٽن فوتين جا مڙهه به منتقل ڪيا ويا هئا جيڪي بعد ۾ وارثن حوالي ڪيا ويا. حادثي جو سنڌ جي وڏي وزير نوٽيس ورتو جنهن بعد ڊويزنل ڪمشنر احسان قريشي، ڊپٽي ڪمشنر طارق قريشي سان گڏ سول اسپتال پهچي زخمي مسافرن جي عيادت ڪئي. سول اسپتال جي انتظاميا کي تاڪيد ڪئي ته کين علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن. زخمي مسافرن ٻڌايو ته مسافر ڪوچ جي ڊرائيور سنگل روڊ هئڻ باوجود گاڏي تيز پئي هلائي ۽ اڳيان ويندڙ شهزور گاڏي کي اورٽيڪ ڪري نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران سامهون ايندڙ آئل ٽينڪر سان ٽڪر ٿيو ۽ بعد ۾ بصرن سان ڀريل مزدا گاڏي به پويان کان مسافر ڪوچ کي ٽڪر هنيو.