ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ڪابينا ۾ وڌيڪ 8 وزيرن جي شامل ٿيڻ بعد ميمبرن جو تعداد 18 ٿي ويو. ڪالھه  سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري صوبائي ڪابينا جي وڌيڪ 8 ميمبرن کان حلف ورتو.  گورنر هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ شريڪ ٿيو. حلف برداري جي تقريب ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھن شرڪت ڪئي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو، مخدوم محبوب الزمان، رياض شيرازي، دوست علي راهمون، شاهد عبدالسلام ٿهيم، محمد علي ملڪاڻي، شاھينا شير علي ۽ مير طارق ٽالپر حلف کنيو.  ھوڏانهن  وڌيڪ 8 وزيرن جي شموليت بعد سنڌ ڪابينا ۾ وزيرن جو تعداد 18 ٿي ويو آهي. ھوڏانھن جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب نون وزيرن ۾ شامل دوست علي راھمون کي ماحوليات، ڪلائيمينٽ چينج ۽ سامونڊي پٽي جي ترقي، مير طارق ٽالپر کي سوشل ويلفيئر، ڄام اڪرام ڌاريجو کي انڊسٽري ۽ تجارت ۽ محمد علي ملڪاڻي کي يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جا قلمدان ڏنا ويا آھن جڏهن ته شاھينا شير علي کي عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي ۽ عبدالسلام ٿھيم کي ليبر کاتي جو قلمدان ڏنو ويو.  اھڙي ريت مخدوم محبوب الزمان کي ٻيھر بحالي واري کاتي جو قلمدان سونپيو ويو آھي، ساڳي وقت ڪابينا ۾ اڳ ئي شامل جيلن واري کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري کي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو پڻ قلمدان سونپيو ويو آهي. رياض حسين شاھه شيرازي کي مذھبي معاملن ۽ زڪوات عشر کاتي جو وزير مقرر ڪيو ويو آهي