ڳيريلو (ن پ ا ) مانجهند روڊ حادثي ۾ ڳيريلي جي ڳوٺ ٿريچا ابڙو واسي نوجوان مسافر ڪوچ جو ڪلينر گلشير کوکر به فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺ غلام علي زهراڻي واسي آدم زهراڻي، نوجوان اسلم زهراڻي، فيصل، معصوم ٻارڙو علي رضا، طيبه ۽ شهر بانو ميئو راجپوت زخمين ۾ شامل آهن، زخمين جي وارثن زاهد ۽ گلاب زهراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آدم زهراڻي جي  حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس سول اسپتال حيدرآباد ۾ وينٽيليٽر تي رکيو ويو آهي،  جڏهن ته اسلم زهراڻي جيڪو گهگر واسي آهي، جيڪو عيد تي پنهنجي مائٽن سان ڳوٺ غلام علي زهراڻي آيل هو جيڪو واپس ڪراچي وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو، هوڏانهن فوتي ڪلينر گلشير جو مڙهه وارث ڳوٺ کڻائي ويا.