ڪراچي توڙي پوري سنڌ ۾ سنڌين جي ڳڻپ درست ڪريو. … گل ميتلو

0
78
ڪراچي توڙي پوري سنڌ ۾ سنڌين جي ڳڻپ درست ڪريو. ... گل ميتلو

  ڪراچي توڙي پوري سنڌ ۾ سنڌين جي ڳڻپ درست ڪريو. سرڪاري انگن اکرن کان سواءِ به سنڌي ڪراچي ۾ رهن ٿا ۽ وڏي پيماني تي رهن ٿا. جيڪي سرڪاري ڳڻپ ۾ اڃا ناهن آندا ويا.

                          ايف آءِ اي جي جاچ موجب ڪراچي ۾ چاليهه لک ماڻهو ڌاريا ۽ ڪوڙا داخل ٿيل هوندا ته سنڌين جو سيڪڙو ته اهو وڃي بيهاريو ويندو، جيڪو سرڪاري انگن اکرن موجب هٿرادو طور ڄاڻايل آهي. اهي چاليهه لک جعلي، بوگس ڳڻايل ۽ سرڪاري ادارن پاران جاچ پڙتال ڪرايل جعلي ته ڳڻپ مان پهريان ڪينسل ڪري خارج ڪريو.

سرڪاري آدم ڳڻپ ۾ گهڻا، گهڻ طرفا ۽ ظاهر ظهور گهپلا آهن.

                         مون پنهنجو ۽ پنهنجي ڪٽنب جي سڀني ڀاتين جا ووٽ ڪراچي ۾ پنهنجي گهر جي ايڊريس تي ڪيئي سال اڳ داخل ڪرايا هيا. تازو جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ووٽن جي سرڪاري رڪارڊ موجب مان قمبر تعلقي جي پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ ڳڻيل آهيان، منهنجو پٽ قمبر شهر ۾، منهنجي گهرواري حيدرآباد شهر ۾، منهنجي هڪ نياڻي ڪراچي جي ڊي ايڇ اي فيز 2 ۾، ٻي نياڻي ڪٿي به نه.  رڳو منهنجي ذاتي ڪٽنب، جن سڀني جي مستقل توڙي عارضي ايڊريس شناختي ڪارڊن ۾ ڪراچي جي آهي. پنجن مان چار ڪراچي ۾ ڏيکاريل ئي نه آهن. هڪ نياڻي جيڪا ڪراچي ۾ ڏيکاريل آهي سا به غلط ايڊريس ۽ غلط چونڊ حلقي ۾. اهو حشر آهي سرڪاري ڳڻپن ۽ رڪارڊ ڪيپنگ جو.

سرڪاري مرتب ڪيل انگن اکرن مان ڪراچي ۾ موجود سنڌين بابت ڪا خبر نٿي پوي. اسان کي متبادل ۽ ڀروسي جوڳا انگ اکر مرتب ڪرڻا پوندا.

يونيسيف ۽ سنڌ سرڪار جي گڏيل سيمپل سروي موجب  سنڌ جي آبادي پاڪستان جي ڪل آبادي جي 30 سيڪڙي جيتري آهي. اڻڌري ڪاٿن موجب سنڌ جي آبادي پاڪستان جي ڪل آبادي جي 32 سيڪڙي کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهي. ٺڙڪ ٺڳي ڪري هر آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي 23- 24 سيڪڙي تي بيهاري ٿي وڃي.

سنڌ جي ڏورانهن ۽ دشوار علائقن ۾ رهندڙ سنڌين جي 30 کان 35 سيڪڙو آبادي ته سرڪاري ڳڻپن ۾ ڪڏهن شامل ئي نه ڪئي وئي آهي.

سنڌ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس، ڪراچي ۾ موجود سنڌين، غير سنڌين، ٻين صوبن ۽ پرڏيهين جا متبادل انگ اکر جوڙي، وفاقي ادارن پاران مرتب ڪيل انگن اکرن سان ڀيٽ ڪجي ته اصل حقيقت ظاهر ٿي پوندي.

ساڳي وقت نادرا کي وفاقي گهرو  وزارت مان ڪڍي، سي سي آءِ – CCI جي زير انتظام ڏجي ته  ڪجھه بهتري جو سبب بڻجي.

اهم اهو به آهي ته اسان ڪنهن ڪنهن کي سنڌي شمار ڪيون ٿا. ميمڻ، ڪڇي، لاسي، گجراتي، بلوچ، راجپوت، اسماعيلي، بوهري، ڪڇي، مارواڙي، آرائين، راجسٿاني، جهوناڳڙهي وغيره سڀ اصلوڪا انڊيجينئس سنڌي آهن. سي سڀ ملائي ڪري ڪراچي جي اڪثريتي آبادي هينئر به سنڌين جي آهي..

سنڌ بابت موجوده سرڪاري انگ اکر جڙتو، تڪراري ۽ ناقابل قبول آهن. (فيس بوڪ تان ورتل)