ميهڙ جي ڳوٺ ٺوڙھا جي نياڻين جي پرائمري اسڪول جي درد جو داستا … منور جتوئي

0
82
ميهڙ جي ڳوٺ ٺوڙھا جي نياڻين جي پرائمري اسڪول جي درد جو داستا ... منور جتوئي

ڪوئي آھي ڪوئي آھي

جيڪو سچ چئي؟

ڏينھن ڏٺي جو ھن ڏائڻ تان

جيڪو گھونگھٽ لاھي،

سانگ سياست جا جيڪو سمجھي

ٺاھ ٺڳي جا ڊاھي،

اونداھي سان  جيڪو الجھي

چانڊوڪي کي چاھي،

سنڌڙي مونکي سڏ ت ڏي

تون چپ ڇو آھين  ڇا آھي؟

ڪوئي آھي ڪوئي آھي

جيڪو سچ چوي۔۔؟   (شيخ اياز)

                         يوسي ٻيٽو جي ڳوٺ ٺوڙھا تعلقي ميھڙ جي نياڻين جي پرائمري اسڪول جي درد جو مختصر داستان، جتي ھڪ ته اسڪول جي انتھائي تباھه ٿي ويل بلڊنگ آھي جنھن ۾ ڪنھن به وقت بلڊنگ جي ڀت يا ڇت ڪرڻ جي ڪري ڪو  وڏو حادثو ٿيڻ جو خطرو برقرار آھي ڇو ته اتي ڪلاسن ۾ ڪلاس ھلندي به ڪيترائي ڀيرا اسڪول جي ڇتن مان چاپڙ پڻ ڪرندا رھيا آھن،

                         اسڪول جي درين ۽ دروازن جي صورتحال اھا آھي ته ڄڻ موئن جي دڙي جھڙا ڪي کنڊرات ھجن

ھن وقت به ڳوٺ جون لڳ ڀڳ ھڪ سئو  100 کان مٿي نياڻيون روزانا اسڪول ۾ اچن ٿيون  پر انھن لاءِ فقط 2 ٽيچرس آھن جنھن ۾ ھڪ ڳوٺ جي ھيڊ مسٽريس ۽ ٻي ٽيچر آھي ڳوٺاڻن مطابق اھي ٻئي اسڪول اچن ٿيون پر جتي سئو کان به مٿي شاگردياڻيون  اينديون ھجن اتي 2 ٽيچرس جيڪو پڙھائينديون ھونديون اھو  توھان اندازو لڳائي سگھو ٿا پر ڳوٺ ٺوڙھا يوسي ٻيٽو جو تمام وڏو ڳوٺ آھي  جتي سڀ اسڪول جون نياڻيون اچن ته گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سئو نياڻيون ٻيون به اچي سگھن ٿيون پر اسڪول جي اھڙي صورتحال ڏسي ڳوٺ جا ٻيا ماڻھون پنھنجون نياڻيون نه پيا موڪلن يا ڪجھه وري ميھڙ جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙھائين پيا.

ھن وقت ڳوٺاڻن مطابق اسڪول جي ئي پلاٽ تي قبضو ڪيل آھي ۽ ان  اسڪو ل جي چوڌاري به ۽ گند ڪچري جا ڍير لڳائي ڇڏيا آھن  اسڪول جتي صاف سٿرو ۽ گل ٻوٽا ۽ وڻڪار ھجڻ لازمي آھي اتي ھن اسڪول جو ھي تصويرون ڏسي  باشعور ماڻھون اھو اندازو لڳائي  سگھن ٿا  ته ھن اسڪول جي صورتحال ڇا ڪئي وئي آھي.

ھن اسڪول ۾ ھن وقت ڪو به پٽيوالو يا چوڪيدار ڪونه آھي.

ھن اسڪول جو نلڪو ڪي چور چوري ڪري پٽي ۽ کڻي ويا آھن جنھن جو ڪو به نوٽيس نه ورتو ويوآھي ھن اسڪول ۾ واشروم  استعمال  جي لائق نه آھي جي ڪنھن نياڻي يا ٽيچر کي يوز ڪرڻو آھي ته بس ڪنھن بوتل ۾ پاڻي ٻاھران گھرائي ڪيو وڃي ٿو.

منھنجي ھن پوسٽ رکڻ جو مطلب ميھڙ تعلقي جي باشعور ۽ باضمير صحافين ۽ عوام ۽ علم دوست ماڻھن کي پيغام ڏيڻو آھي ته ھو ھن اھم مسئلي جو نوٽيس ھن نياڻين جي اسڪول جو وزٽ ڪري  صحيح معنا ۾ رپورٽ ڪري ۽ اختارين تائي پھچائين.

واڪا ڪرڻ مون وس

ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو. … (فيس بوڪ تان ورتل)