ڪتاب پڙهڻ جي دعويٰ … جامي چانڊيو

0
127

  اڪثر ماڻهو ايترن ڪتابن پڙهڻ جي دعويٰ ڪن ٿا جيڪا ممڪن ناهي. رڳو ڪتاب پڙهڻ به ڪافي ناهي، علم جي حاصلات، فڪر جي تشڪيل ۽ انکي رويي ۽ عمل سان جوڙڻ جون پنهنجون گهرجون ۽ پنڌَ آهن.

                         وڌ ۾ وڌ هفتي ۾ هڪ وڏو ۽ ٻه ننڍا ڪتاب ئي پڙهي سگهجن ٿا. مون جيان جن کي پڙهڻ جو شوق جنون جي حد تائين آهي اهي به سڄي حياتي ۾ اڍائي يا ٽي هزار ڪتابن کان وڌيڪ نه ٿا پڙهي سگهن. اها به وڌ ۾ وڌ حد آهي. نه ته هڪ سٺو/سٺي پڙهندڙ به سال ۾ عام طور 30 ڪتاب ئي پڙهندا آهن.

                         اصل ڳالهه ڪتابن جي انگ جي ناهي، ڪتابن جي چونڊ، انهن جي معيار ۽ موضوعن جي آهي. ان کان به اهم ڳالهه تنقيدي شعور، کليل ذهن ۽ علمي رويي سان ڪتابن پڙهڻ جي آهي.  ان کان به اهم ڳالهه درست علم ۽ درست فهم کي پنهنجي زندگي ۽ عمل سان سلهاڙڻ جي آهي.

                         انڪري نه ٺلهو لکڻ اهم آهي ۽ نه مڙئي پڙهڻ، اصل سوال اهو ته ڇا ٿو پڙهجي، ڇا ٿو پرائجي، ڇا ٿو لکجي ۽ انهن کي زندگي سان ڪيئن ٿو سلهاڙجي؟ (فيس بوڪ وال تان ورتل)