سوال/سروي … ڌاڙيلن وٽ هٿيار ڪٿان اچن ٿا؟ : پوليس، چونڊيل نمائندا، وڏيرا ملوث قرار، سخت ڪارروائي ڪئي وڃي: عوام

0
138

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه چيو آهي هت هٿيار سنڌ ۾ نه ٿا ٺهن، خبر ناهي ته ڌاڙيلن وٽ هٿيار ڪٿان اچن ٿا؟ گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ امن امان جو مسئو آهي: وزيراعليٰ سنڌ جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڌاڙيلن کي هٿيار ڪٿان اچن ٿا جيڪڏهن اها وڏي وزير خبر ناهي ته پوءِ اهو صوبي جو سربراهه ڪيئن آهي؟ ڌاڙيلن کي اسيمبلين ۾ ويٺل ميمبرن، مقامي وڏيرن، ڀوتارن ۽ حد جي پوليس جي پٺڀرائي حاصل هجي ٿي، هٿيار سنڌ ۾ نٿا ٺهن پر سنڌ کان ٻاهر کان اچن ٿا، جيڪڏهن انهن کي روڪي نٿا سگهن ته اها نا اهلي آهي، سنڌ ۾ هٿيارن خلاف سخت ايڪشن جي ضرورت آهي، ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي ضرورت آهي، صوبي ۾ امن ڪرايو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته اھا اوھان اسان سڀني کي خبر آھي ته ڌاڙيلن وٽ ھٿيار ڪٿان ٿا اچن صدقي وڃان سي ايم صاحب جي سادگي تان ته اھا کين خبر ناھي ته ڌاريلن وٽ ھٿيار ڪٿان ٿا اچن اھا ڳالھ ڌاڙيل به وڊيو جاري ڪري ٻڌائيندا رھيا آھن سائين جي ڪنن تائين الائي ڇو نه پھتي آھي، خاموش خليل شر لکيو ته ڪو ته هوندو جيڪو هنن جو گهڻ گهرو هوندو , باقي آسمان مان فرشتا ته لهي ته ڪونه ايندا هوندا، ميرڻ جمالي لکيو ته خلائي مخلوق پهچائي ٿي، حيدر علي پنهور لکيو ته سائين جن کي ڪير ٻڌائي ته اسيمبلي ۾ ويٺل پاٿاريدارن کان پڇي ڏسو، علي گوهر سومرو لکيو ته هٿيار ته برابر سنڌ ۾ ڪونه ٺھن پر توهان صوبي جا چيف ايگزيڪٽو آھيو اوهان کي ته خبر هجڻ کپي ته هٿيار ڪٿان ٿا اچن، اويس راڄپر لکيو ته گورنمينٽ ته گورنمنٽ هوندي آهي پر سنڌ گورنمينٽ جي لاءِ ڌاڙيل چيلينج بڻيل آهن ۽ هاڻ ته سڄي سنڌ جو امن امان خراب ٿي چڪو آهي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سياسي ڪم ڇڏي امن امان تي ڌيان ڏي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته چونڊيل نمائندن کان پڇو سب خبر پئجي ويندي ھيٿار ڪٿان کان اچن ٿا، احسان چانڊيو لکيو ته هٿيار سنڌ ۾ نٿا ٺهن پر ڌاڙيلن کي هٿيار پهچائي ڪير ٿو انهن جو سولتڪار ڪير آهي سائين کي خبر ناهي ڇا؟ ڌاڙيلن کي هٿيار آڻي ٿا پهچائين جيڪي غير قانوني طور زمينن تي قبضا ٿا ڪرائين وڏيرا ٻيو هٿيار پوليس ٿي ڏئي. ياسر عباس لکيو ته اهڙي وڏ وزارت کان….سجاد احمد ابڙو لکيو ته ھٿيار سائين جن کي خبر نه آ ھي جو اھي سوال ٿوڪري سنڌ جي تباهيءَ ۾ حڪمرانن جو هٿ آهي، عبدالرسول ميمڻ لکيو ته آءِ جي کان پڇو، اهو ايس ايچ او کان پڇي، وڏيري کان پڇو، خبر پئجي ويندي، شنڪر لال لکيو ته سنڌ حڪومت کي ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن ڪرڻ گهرجي، قلندر باجڪاڻي به سروي ۾ حصو ورتو، مير حسن بلوچ لکيو ته شڪارپور ۾ امن خراب ٿي ويو آهي، غلام نبي بلوچ لکيو ته پاڻ هٿيار پهچائن ٿا، امتياز علي لکيو ته چونڊيل نمائيندن کان پڇو سب خبر پئجي ويندي ھيٿار ڪٿان کان اچن ٿا گورنمينٽ جي لاءِ ڌاڙيل چيلينج بڻيل آهن ۽ هاڻ ته سڄي سنڌ جو امن امان خراب ٿي چڪو آ سنڌ گورنمٽ کي گهرجي ته سياسي ڪم ڇڏي امن امان تي ڌيان ڏي، منظور ڪنڀر لکيو ته امن امان ۽ اوهان جا پنهنجا وزير مشير خوش ناهن…شبير ميمڻ به راءِ جو اظهار ڪيو، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ڌاڙيلن کي ماريو وڃي پوليس کي هٿيار جديد ڏنا وڃن، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته پاڻ ڪم پٽي ڏيکار  توھان کان پوء حال پورا آھن، مراد لي لکيو ته وزير اعليٰ مراد علي شاهه کي سڀ خبر آهي ته ڌاڙيلن وٽ ھٿيار ڪٿان ٿا اچن اھي اسانجا وڏريرا پاٿاريدار ٿيا ويٺا آهن جيڪي انهن کي پھچائن ٿا پر هي ايترا معصوم ڪونه آهن جو اھڙا سوال ٿاڪن افسوس آهي، سڌير خان لکيو ته ته چونڊيل نمائيندن کان پڇو سب خبر پئجي ويندي ھيٿار ڪٿان کان اچن ٿا گورنمينٽ جي لاءِ ڌاڙيل چيلينج بڻيل آهن ۽ هاڻ ته سڄي سنڌ جو امن امان خراب ٿي چڪو آ سنڌ گورنمٽ کي گهرجي ته سياسي ڪم ڇڏي امن امان تي ڌيان ڏي، شمس قمر لکيو ته ڌاڙيلن کي سپورٽ ڪرڻ ۽ انھن کي ھٿيارن جي سپلاءِ پڻ حڪومتي عملدار ۽ اڳواڻ ڪندا آهن ٻئي ڪنھن کي ڪھڙي طاقت آھي. صاحبزادو لکيو ته شاهه صاحب ھٿيار سنڌ ۾ نٿا ٺهن اھا ته دنيا کي خبر آ، باقي اچن ڪٿان ٿا اھا اوھان جي پوليس کي خبر آ، ڪو مھينو ڏيڊ پھريان توهان وزير آعلي جي حيثيت سان گهوٽڪيءَ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو اعلان ڪيو ھو پر افسوس جو اوهان جي ھن بيان جاري ڪرڻ تائين ڪچي ۾ ھلندڙ آپريشن ڪي خاطر خواهه نتيجا ڏيئي نه سگهيو آهي ان ڪري قبلا اسان گھوٽڪي جي عوام جو مطالبو آهي ته پوليس کان ڪم چڙھيل آھي انھيءَ ڪري پاڪ فوج ۽ رينجرز کي آپريشن لاءِ مقرر ڪيو وڃي، موهن لال لکيو ته سائين سنڌ جو وڏو وزير آهي،اهو اهڙي ڳالھ ڪري رهيو آهي ڄڻ ڪو عام ماڻهو هجي، پوءِ پوليس، خفيه ادار ڪهڙي مرض جي دوا آهن، اصل ۾ ڌاڙيل ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ ۾ سنڌ جي ڀوتار جو هٿ آهي، حڪومت ڌاڙيلن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ٿي ته ڀوتارن جا نالا ٿا ظاهر ٿين تنهنڪري اهڙو ڪم ئي ناهي ڪرڻو، خوشحال سنڌي لکيو ته واقعي چيف منسٽر صاحب واقعي هٿيار سنڌ ۾نٿا تيار ٿين پر اوهان جي وڏيري شاهي خاندانن واري حڪمراني ۾ سرعام بنا خوف جي ٻين صوبن جي سرحدن مان سرعام ايندا آهن جن کي اوهان جي سرڪار ڪجهه به نٿي بگاڙي سگهي ڇو جو اوهان جو منشور آهي ته سنڌ کي هر حال ۾ تباھ برباد ڪرڻو آهي، ذوالفقار علي راهمون لکيو ته سائين مراد علي شاهه صاحب سنڌ جو وزيراعليٰ سٺو نٿو لڳي صوبي جو چيف منسٽر آ پر خبر نٿي پئيس ته ٻيلي ۾ ھٿيار ڪٿان ٿا اچن؟۔سائين منهنجا ڌاڙيل جنهن جا پاليل آھن ته لازمي هٿيار به اهي فراهم ڪندا آهن، جنيد زرين بلوچ لکيو ته سائين کي سڀ خبر ھجڻ باوجود اڻڄاڻ ٿي پڇي پيو ته ڪٿان ٿا اچن. گذارش اھا آھي ته سنڌ صوبي جي بارڊر تي وڏيون وڏيون چوڪيون لڳل آهن. اتان ھڪ غريب موٽرسائيڪل واري کان ڪاغذن جي پڇا ڪئي ٿي وڃي.اھڙو سوال توھان عوام جي بدران سنڌ جي داخلا واري اداري کان ڪيو ھا ته بھتر ھو. ھي ته ڄڻ عوام سان مذاق ڪئي پئي وڃي، عبدالصبور ڦلپوٽو لکيو ته اهڙي بيان مان نا اهلي ۽ بيڊگورننس جي بوءِ اچي رهِي آھي۔ سڄي سنڌ کي خبر آھي ته ڌاڙيل ڪلچر کي سنڌ جا ڀوتار سپورٽ ڪندا آيا آھن ۔مطلب اڻ سڌي طرح سنڌ جا طاقتور حلقا۔ پوءِ سنڌ حڪومت جي ماتحت پوليس کاتي کي بجيٽ ڇاجي پئي ملي؟ چوڻ جو مطلب ته سنڌ حڪومت سنسيئرلي ڪم ڪري ته ڌاڙيل ڪلچر هڪ مهيني ۾ ختم ٿي سگهي ٿو، عمران علي لکيو ته جيڪڏهن هن کي ڪا خبر ناهي وڏو وزير آهي ته پوءِ نا اهل آهي، شوڪت علي شنڀاڻي لکيو ته سڄي سنڌ حڪمرانن تباھ ڪئي آھي مسڪين غريب هٿيار نه کڻندا ته پيو ڇا ڪندا ڪجھ پوليس اهلڪار ڪاري ويس ۾ ڪاريون رڍون آھن جيڪي مسڪينن کي تپائي ڏين ٿا باقي هٿيار حڪمرانن جا ماڻهو پهچائن ٿا، سنتوش ڪمار لکيو ته اهو چوڻ خراب حڪمراني جي نشاني آهي، جوجي سولنگي لکيو ته اهڙو سوال ڪري ٿو وڏو وزير آهي، در محمد به سروي ۾ حصو ورتو.