پاڪستان سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪندڙ سڀ کان تيز ترين ملڪ بڻجي ويو

0
150

  پاڪستان سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪندڙ سڀ کان تيز ترين ملڪ بڻجي ويو، سال 2021ع جي مقابلي ۾ سال 2022ع ۾ پاڪستاني صارفين پاران سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪرڻ جي شرح ۾ 35.4 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو. نجي مارڪيٽ انٽليجنس پليٽ فارم “ڊيٽا دربار” جي رپورٽ موجب پاڪستان ايپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪرڻ جي شرح سال 2021ع ۾ 28.6 سيڪڙو هئي گذريل سال ۾ اضافو ٿي 35.6 سيڪڙو ٿي وئي. اها شرح چين کان ٽيڻ تي  وڌيڪ آهي جيڪو فهرست ۾ ٻئي نمبر تي آهي. چين کانپوءِ ڀارت، ميڪسيڪو ۽ انڊونيشيا فهرست ۾ شامل آهن جن جي شرح 10 سيڪڙو کان گهٽ آهي.