ڪاڇي ۾ برسات بعد تباھي: ڪيترن ئي ڳوٺن جو جوھي ۽ دادو سان زميني رابطو ڪٽيل

0
291
ڪاڇي ۾ برسات بعد تباھي

جوھي/واھي پانڌي (نمائندن وٽان) کيرٿر جابلو پٽيءَ تي زوردار برسات بعد نئن گاج ۾ پاڻي جا وهڪرا ٻيهر وڌي ويا، نئن گاج 7 فُٽ وهي آئي آھي

 ڪاڇي ۾ برسات ۽ نئيُن جي تباهيءَ کي 8 ڏينهن گذرڻ باوجود انتظاميا خاموش ويٺل آھي، ڊرگهه بالا، حاجي خان، ڇني ۽ هيرو خان سوڌو ڪاڇي جي ڪيترن ئي علائقن جو جوهي ۽ دادو شهرن سان زميني رابطو ڪٽيل آھي

 400 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ خوراڪ سوڌو ٻيون بُنيادي شيون کُٽي ويون آھن، سنڌ سرڪار کي بيانن بدران عملي طور ريسڪيو ۽ رليف آپريشن شروع ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آھي

ٻئي پاسي لاکڙا ڪول مائينز ڀرسان اڻڄاتل ماڻهو ويرهه ٻنڌ ڊئم جا در ٽوڙي ويا، جابلو نئين مان ايندڙ پاڻيءَ جو ڊئم ۾ ڇوڙ جاري آھي، در ٽٽڻ سببٻ ڀرپاسي جا ڳوٺ ٻڏڻ جا خدشا وڌي ويا

علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته ڊئم جي ٽٽل درن جي جلد مرمت ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويندا، انتظاميا اطلاع ملڻ باوجود درن جي مرمت شروع نه ڪئي، در ٽوڙيندڙ جوابدارن جو به پتو نه پيو

ھي به پڙھندا

بلوچستان ۾ برساتي ٻوڏ جون تباھيون، فوتين جو انگ 127 ٿي ويو