ڏهرڪي ۾ طلاقيل زال مٿان مڙس مبينا طور تيزاب ھاري ڇڏيو

0
196
ڏهرڪي ۾ طلاقيل زال

ڏھرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ۾ طلاقيل زال مٿان مڙس مبينا طور  تيزاب ھاري ڇڏيو آهي،  ريتي واسي شڪيل ملڪ پنھنجي طلاقيل زال  صوبيه ملڪ  مٿان تيزاب ھاري مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال ڏھرڪي منتقل ڪيو ويو آهي

تيزاب سبب عورت جي ٻانهم سڙي وئي، جڏهن ته صوبيه ملڪ جو چوڻ آهي ته سندس اڳوڻو مڙس ڪجهه مهينا اڳ طلاق ڏني هئي، هاڻي پيءَ ۽ ڀائرن وٽ رهان ٿي پوءِ به هو ظلم ڪري رهيو آهي

هن چيو ته مڙس ۽ ڏير قتل ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي ڏهرڪي واسي ڪجهه بااثرن جي پٺڀرائي آھي، ان ڪري پوليس به اسان جي دانهن نه ٿي ٻڌي، شڪيل ملڪ خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ تيزاب ھاري زخمي ڪيل کدڙي فقير دم ڏئي ڇڏيو