گڏيل عرب امارات ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڪئي وئي

0
380
حڪومت پيٽرول 35 ۽ ڊيزل

ڪراچي(م ڊ) گڏيل عرب امارات ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب يو اي اي جي فيول پرائس ڪميٽي ايندڙ مهيني لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ تيل جي قيمتن ۾ ڪجهه گهٽتائي ڪئي وئي آهي

پيٽروليم پرائس ڪميٽي جي اعلان موجب ڊسمبر مهيني جي لاءِ سپر 98 پيٽرول جي قيمت 2.80 درهم کان گهٽائي 2.77 درهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته اسپيشل 95 پيٽرول جي قيمت 2.69 درهم کان گهٽائي 2.66 درهم في ليٽر ڪئي وئي آهي، ان کان علاوه اي پلس 91 پيٽرول ڊسمبر ۾ 2.61 درهم في ليٽر جي بدران 2.58 درهم في ليٽر تي دستياب هوندو، جڏهن ته ڊيزل 2.81 درهم في ليٽر جي بدران 2.77 درهم في ليٽر ملي سگهندو