ڏهرڪي (خاص نمائندو) ڏهرڪيءَ ۾ مبينا مقابلو، پوليس ٻن ڄڻن کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو، جوابدارن کي گرفتاري بعد مقابلو ڄاڻائي مارڻ جا چوٻول. خبر موجب ڏهرڪي ط جي دعويٰ ڪئي آھي. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي ٻئي ڄڻ ڏوهه جي ارادي سان مهاڻا پل وٽ بيٺل هئا ته مقابلو ٿي پيو، ٻئي ڄڻا پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا آھن. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ٻئي ڄڻا واپاري اميربخش راڄڙيءَ جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل هئا، جن جي قبضي مان ٻه پستول پڻ هٿ ڪيا ويا آھن. ٻه ڏينهن اڳ مقتول جي پٽ جي فرياد تي راشد جٽ ۽ اختر ڪوڀر خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. هوڏانهن ڀروسي جوڳن ذريعن موجب پوليس راشد جٽ ۽ اختر ڪوڀر کي ٻه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن بعد گرفتار ٿيلن ٻنهي ڄڻن کي پوليس فل فراءِ ڪري ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آھي ته مارجي ٻنهي ڄڻن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٽريس ٿيڻ بعد سندن گهران گرفتار ڪيو هو. ٻنهي ڄڻن جا لاش ڏهرڪي اسپتال آڻڻ کان پوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا. مارجي ويل نوجوانن جي وارثن پريل ڪوڀر ۽  محمد يوسف جٽ جو  چوڻ هو ته اسان جي نوجوانن کي پوليس گهران گرفتار ڪرڻ بعد ماري ڇڏيو. پوليس جي اهڙي ڪارروائي خلاف عدالت ۾ ويندا سين.