ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 2 فراڊي ٽيڪسي ڊرائيور کي هوٽل ۾ ويهاري 27 هزار جو کاڌو کڻي فرار ٿي ويا، ان ڏس ۾ سومر واري رات جو گورا قبرستان ڀرسان واقع هڪ ريسٽورنٽ ۾ ٻن جوابدارن 5 هزارن جي ماني کاڌي، جڏهن ته  22 هزار رپين جو کاڌو پارسل ڪرايو، جوابدارن ٽيڪسي ڊرائيور کي ريسٽورنٽ ۾ ويهاري چيو ته اسان هيٺان  پئسا کڻي اچون ٿا، جوابدار ڊرائيور جو موبائيل فون به پاڻ سان کڻي ويا. پوليس موجب  جوابدارن جي واپس نه پهچڻ تي  ٽيڪسي ڊرائيور ۽ ريسٽورنٽ مينيجر پريشان ٿي ويا. ريسٽورنٽ وارن ڊرائيور کان پڇا ڳاڇا ڪئي ته هن ٻڌايو ته  جوابدار پئسا کڻڻ ويا آهن، پوليس موجب ڪلاڪ انتظار ڪرڻ بعد ريسٽورنٽ انتظاميا پوليس کي فون ڪيو. صدر پوليس موجب ڊرائيور شفيق الله جاچ دوران بيگناهه ٿيو، هن چيو ته جوابدار کيس ڪورنگي جي چنيوٽ اسپتال مان ڀاڙي تي وٺي آيا،  کيس لالچ ڏني ته ماني کائڻ کانپوءِ واپس چنيوٽ اسپتال هلنداسين. پوليس موجب ٻنهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي