ڏهرڪي: ايمبولينس ڇڏي گم ٿي وڃڻ بعد نينگر جو لاش واپس رحيم يار خان منتقل

0
517

ڏهرڪي(ن پ ا) گذريل ڏينهن رحيم يار خان کان اڻ ڄاتل ماڻهن پاران  نينگر جو  لاش کڻي ريتي ۾ ايمبولنس کي ڇڏي گم ٿي وڃڻ بعد نينگر جو لاش واپس رحيم يار موڪليو ويو آهي جنهن جي جي سڃاڻپ ريتي واسي احمد طور ٿي وئي جيڪو چار سال اڳ گم ٿي ويو هو.

ريتي جي ڳوٺ جهنگل ملڪ جو رهواسي احمد پٽ شريف شر چار سال اڳ گم ٿي ويو هو، وارثن جي گهڻ ڳولا باوجود نه ملي سگهيو هو .

ڪالهه اڻ ڄاتل ماڻهن پاران شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان کان ريتي لاءِ ايمبولنس ۾ لاش کڻائي ريتي کان اڳ ۾ ايمبولينس مان لهي گم ٿي ويا.

نينگر جو لاش دير تائين ريتي ٿاڻي تي پيل رهيو، جنهن بعد پوليس لاش واپس ڪري ڇڏيو.

اڄ صبح جو نينگر جون تصويرون ۽ وڊيو ڏسي وارثن احمد شر طور  سڃاڻپ ڪئي ۽ لاش کڻائڻ لاءِ رحيم يار خان روانا ٿي ويا .

نينگر جي چاچي الهڏتو شر جو چوڻ آهي ته چار سال اڳ احمد گهران گم ٿي ويو هو جنهن جي رپورٽ به ريتي ٿاڻي تي ٿيل آھي، ڪافي ڀيرا هن جو ڏس مليو ته هو صادق آباد ۾ هڪ هوٽل ۾ مزدوري ڪندو آھي پر ڳولا باجود نه ملي سگهيو.